اسلام آباد پوليس پاران جيڪا بلوچ نياڻن جي ڪيل تزليل سندن مٿان لاٺي چارج شيلنگ گرفتار واري عمل خلاف سنڌ سڀا ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻن نصيب اللّٰه کوسو ۔نظام نوناري۔صدام کوسو۔مھراڻ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ته احتجاج ڪرڻ لانگ مارچ آئيني ۽ جمعوري حق آھي تنھن جي ڏوھ ۾ نياڻن جي مٿان لاٺي چارج ڪري آسو گيس جي شيلنگ ڪري نياڻن ۽ ٻارن کي زخمي ڪري اسلام آباد پوليس ڪھڙو پيغام ڏنو آھي هنن چيو ته اسين مطالبو ٿا ڪيون ته فلفور نياڻن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا