غوثپور لڳ ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي جا رھواسي طارق علي ۽ پيرسن جان محمد ميراڻي کي اڻڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي مڇي فارم تان مبينا طور اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن جن جي اغوا جي تصديق وارثن پاران ڪئي ويئي آهي۔ مغوين جي وارثن رابطي ڪرڻ تي اي ڊي اين نيوز کي ٻڌايو آهي ته شڪارپور ڀر سان رستم ٿاڻي جي حد مان مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڪندڙ غوثپور ڀر سان ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي جا رهواسي طارق ۽ جان محمد ميراڻي مڇي جي فارم تي ستل هئا ته هٿيار بندن ٻنهي مغوين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن وارثن جو چوڻ آهي ته مغوين جا چپل واقعي واري هنڌ پيل آهن ۽ سندن جا فون نمبر به مسلسل بند پيل آهن مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان ڪو به جهيڙو ناهي غريب آهيون مزدوري ڪري پيٽ جو سفر گذر ڪندا آهيون۔ ٻئي پاسي مغوين جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿيڻ بعد سندن جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي مغوين جي وارثن جو وڌيڪ ايس ايس پي ڪشمور توڙي ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسان جي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي