ھلندڙ سال جي ٻئين مھيني جي يارھين تاريخ جي رات اسان لاء ڪنھن قيامت کان گھٽ نه ھئي

انھيء رات پوليس جي وردي ۾ لڪيل ڪارين رڍن ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي شھر ڪرمپور ٿاڻي جي حد منڌاڻي چوڪي وٽ سانگھڙ کان پنھنجي اباڻي ڳوٺ محمد امين جعفري طرف ويندڙ اسان جي نوجوان فقير صفت انسان غلام حسين جعفري سميت ڇھن ماڻھن کي پوليس جي روپ ۾ لڪل رھزن بنا ڪنھن دير جي مٿن چوڪي ڀرسان بيھڻ باوجود گولين جي برسات ڪئي جنھن دوران گوليون لڳڻ ڪري غلام حسين جعفري سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي زخمي حالت ۾ سکر نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنھن بعد اسان پنھنجي پياري جي قاتلن جي گرفتاري لاء روڊن تي دانھون ڪوڪون ڪيون ۽ وس وارن واڳ ڌڻين کي اپيل ڪئي تڏھن وڃي اسان جي مرضي موجب شھيد جو ڪيس ڪرمپور ٿاڻي تي درج ڪيو ويو جنھن ۾ سڄي واقعي جو ماسٽر مائينڊ ڪي بي عرف ڪريم بخش ڏاھاڻي ايس ايڇ او غلام شبير ڀيو سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو وقتن به وقت اسان پاران پنھنجي پياري جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪيا ويا جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ۽ شايع به ٿيا پر ان وقت جي ايس ايس پي عرفان سمون کان وٺي امجد احمد شيخ صاحب تائين ڪنھن به پنھنجي پٽي ڀائن کي گرفت ۾ نه آندو ۽ مجبورن اسان عدالت سڳوري جو در کڙڪايو جنھن مان اميد جي روشني ملي ۽ ڄاڻايل اھلڪارن کي روپوش ڄاڻائي سندن جون پگھارون بند ڪري آء جي سنڌ کي ليٽر جاري ڪيو ته جلد انھن ظالمن کي گرفت ۾ آڻي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي پر پوليس روايت کي برقرار رکندي ڪنھن به قسم جو تعاون نه ڪيو ۽ ابتو اسان مٿان زور وڌو ته اسان قاتلن سان راڄوڻي ڪيون ۽ علائقي جي چڱن مڙسن سيدن سميت پنھنجن پراون به حد کان وڌيڪ زور ڀريو جنھن بعد اسان حڪومت کان مجبور ٿي ايس ايڇ او شبير ڀيو جنھن اھو اعتراف سڄي دنيا سامھون ڪيو ته مون کي وڏي منشي ڪي بي عرف ڪريم بخش ڏاھاڻي غلط رپورٽ ڏني ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ جٿي جي صورت ۾ ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان داخل ٿيا آھن جنھن جي رستا روڪ ڪيو ۽ انھن مٿان فائرنگ ڪري شھيد غلام حسين کي شھيد ڪيو ويو جنھن جي ھنج ۾ موجود معصوم جي دانھن مون کي پڪ ڏياري ته مرحوم ڏوھاري نه ھو ۽ ڪي بي ڏاھاڻي پنھـنجي دشمني پوري ڪري اسان مٿان سڄو بار وجھڻ جي ڪوشش ڪئي خير سڄي معاملي جي حد جي چونڊيل نمائندن کي خبر پئجي وئي انھن به رڳو خالي ٺلھا دلاسا ڏنا پر اسان جي ڦٽن تي ڪنھن مرھم نه رکي ـ ھن وقت ايس ايس پي روحيل کوسو ڪشمور جو ڪمانڊر آھي ان مان اسين اميد لڳايئي ويٺا آھيون ته ھو ضرور اسان جي دانھن جي داد رسي ڪندو ۽ ملوث ڪارين رڍن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيندو ـ شھيد غلام حسين جعفري ھڪ معزز شخص ھو جنھن جو ڏوھي دنيا سان پري پري تائين ڪو به تعلق نه ھو ھو ڳوٺ جو نيڪ مرد ۽ ٻن ڀائرن کي ٺاھڻ وارو ۽ پنھنجي ٻني ٻاري وارو فقير صفت انسان ھو جنھن جا ٻچا اڄ به والد جي وڇوڙي ۾ اکين مان نير ھاري رھيا آھن ـ اسان جي بس ھڪڙي التجا آھي ته شھيد جي مک قاتلن کي سري عام ڦاھي چاڙھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي