ڪنڌرا جي سرڪاري اسپتال رورل ھيلٿ سنٽر ۾ ٻن ڏينھن جي مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي

ڪنڌرا شهر جي سرڪاري اسپتال رورل ھيلٿ سينٽر ۾ سياسي سماجي اڳواڻ محمد علي شيخ ۽ سيتل داس جن جي تعاون سان ٻن جي مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي آھي جتي مختلف علائقن روشن آباد،ڪنڌرا سٽي،ٽمونھن،گاڙھو ڳوٺ۽ ڳوٺ آنبھ سميت ٻين ھندن کان سوين مريض علاج لاء پھچي ويا ان موقعي تي اکين جي ماھر ڊاڪٽر زاھد حسين ۽ ڊاڪٽر ابرار حسين طرفان ڪئمپ تي آيل عورتن ۽ مردن ۽ ٻارڙن جو ھڪ ڏينھن ۾ ٻہ سو کان وڌيڪ اکين جو آپريشن ڪيو جڏھن تہ ڇھ سو مريضن جي اکين جو مفت چيڪ اپ ڪري کين چشما ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون آهن جتي اڄ ٻئي ڏينهن بہ آيل مرضن مفت علاج ڪيو پيو وڃي