ڪراچي ۾ استاد طرفان شاگردياڻي تي تيزاب حملو، ناري زخمي، جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ استاد طرفان مبينا طور شاگردياڻي تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو پيش آيو، نيپا چورنگي وٽ استاد طرفان مبينا طور شاگردياڻي تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو پيش آيو ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته آئي ٽي سينٽر جي استاد افتخار جهيڙي بعد مبينا طور شاگردياڻي عليشا تي تيزاب اڇلايو، تيزاب سبب شاگردياڻي عليشا ۽ سندس ماما نعمان ۽ فيضان به زخمي ٿي پياپوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، شاگردياڻي جي مامي نعمان جي فرياد تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،ڪيس جي متن ۾ فريادي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاڻيجي سينٽر مان سرٽيفڪيٽ وٺڻ وئي هئي، استاد بدتميزي ڪئي، سينٽر ۾ افتخار مڇرجي پيو ۽ تيزاب اسان تي اڇلايو، انصاف ڪيو وڃ