عمران خان چونڊ نتيجن جي آڊٽ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

عمران خان عام چونڊن جي نتيجن جي آڊٽ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي غير جانبدار حاضر سروس ججز تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا عام چونڊن جي آڊٽ ۽ ان کان پوءِ جاري ٿيندڙ نتيجن جو آڊٽ ڪري درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بنجندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي ۽ جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي عوام آڏو آندو وڃي.