مولانا فضل الرحمان سان اسد قيصر جي ملاقات، سياسي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي پارٽين  کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. فوجي آپريشن ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي. ٻنهي اڳواڻن قومي اسيمبلي ۾ گڏجي ڀرپور طريقي سان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ بجيٽ کي آءِ ايم ايف بجيٽ ۽ عوام دشمن بجيٽ ڏئي رد ڪري ڇڏيو. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ سياسي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ خدشا ختم ڪرڻ ۽ آئنده جي سياسي حڪمت عملي جي لاءِ نڪتن جو تعين ڪندي. ملاقات ۾ افغانستان سان ڀائراڻن لاڳاپن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.