تفصيلن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ ماحوليتي آلودگي سان متعلق ڪيس جي سماعت ٿي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رکني آئينی بينچ سماعت ڪري رهيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظہر، جسٽس حسن اظہر رضوي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس مسرت هلالي آئينی بينچ ۾ شامل آهن. جسٽس مندوخيل چيو ته هن وقت اسموگ هڪ وڏو مسئلو آهي، اسموگ جون وجوھات ڇا آهن ۽ ان جو خاتمو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ڏسو ته حالت ڪهڙي ٿي وئي آهي، صوبن کي گڏ ڪري هلندا ته ئي ڪو نتيجو نڪرندو، ملڪ ۾ ٿيندڙ بيمارين ۾ آلودگي به شامل آهي. جسٽس نعيم افغان جو چوڻ هو ته اسان ايندڙ نسلن سان ڇا سلوڪ ڪري رهيا آهيون، هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ زرخيز زمين کي ختم ڪيو پيو وڃي، زرعي زمينن تي سوسائٽيز ٺاهي رهيون آهن، لاہور هڪ طرف کان واہگہ ۽ ٻي طرف کان شيخوپورہ تائين پکڙجي ويو آهي، ڪاشت ختم ٿي رهي آهي ۽ ماحول آلودہ ٿي رهيو آهي. جسٽس نعيم چيو ته سوسائٽيز جي بجاءِ فليٽس کي فروغ ڇو نٿا ڏيون، جيڪي علائقا زلزلي جي اثر کان بچيل آهن، اتي هاءِ رائز عمارتون ٺاهيون وڃن، فليٽ ڪلچر کي فروغ ڏيو، ضروري ناهي ته 6، 6 کنال جا بنگلا ٺهن. جسٽس مسرت هلالي جو به چوڻ هو ته ماحوليتي ايجنسي جا آفيسر آفيسن مان نڪري نٿا اچن، ايجنسي ۽ قانون جي موجودگي باوجود هائوسنگ سوسائٽيز جو بھارم آهي، خيبرپختونخوا ۾ اسڪول جي عمارتن سان گڏ ماربل فئڪٽرين موجود آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن عدليه ئي ماحوليتي آلودگي جا معاملا ڏسڻا آهن ته ادارن جي ضرورت ڇا آهي؟ ڇا عدليه جو ڪم آهي ته ادارن جي نگراني ڪري، ڇا عدليه رپورٽ گهريندي رهندي ته ادارا ڪم ڪندا؟ ماحوليتي تبديلي اٿارٽي جو چيئرمين ڇو تعينات نٿو ٿي سگهي؟ چيئرمين تعينات ٿيندو ته ئي اٿارٽي فعال ٿي سگهي ٿي. جسٽس امين الدين چيو ته صرف ڪاغذي ڪارروائي سان ڪم نٿو چلي، عملي قدم کنيا وڃن، ايندڙ سماعت تي تفصيل سان رپورٽون اچي وڃن، ته ڪيس نمٽائي ڇڏينداسين. سپريم ڪورٽ آئينی بينچ ماحوليتي آلودگي جا ڪيسز هڪجهڙا ڪري ڇڏيا ۽ ماحوليتي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کان رپورٽون طلب ڪيون. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ماحوليتي آلودگي جا اثر اسان جي سامهون آهن، پنجاب ۾ اتني اسموگ آهي جو ڪجهه به نظر نٿو اچي، اسان ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. بعد ۾ عدالت ايڊشنل اٽارني جنرل جي درخواست تي سماعت ٽي هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.