پي ٽي آءِ احتجاج: عدالت 32 جوابدارن کي ڪيسز مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو

دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ احتجاج کي نظر ۾ رکندي گرفتار 32 جوابدارن کي ڪيسز مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو. سڃاڻپ پريڊ تي اماڻيل 32 جوابدارن کي رات دير سان اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي جو جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي. جوابدارن طرفان سندس وڪيل انصر ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو. پوليس جوابدارن جي گرفتاري آئي نائن ٿاڻي ۽ مارگله ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي پر جوابدارن کي جهلم جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران پوليس طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدارن کي 25 نومبر تي  گرفتار ڪيو ويو، سڃاڻپ پريڊ نه ٿي سگهي، جوابدارن جو 30-30 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. جوابدارن جي وڪيل پوليس جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ به نه ٿي آهي، پوليس برآمدگي جي لاءِ ريمانڊ گهري رهي آهي، پوليس نمبرز پورا ڪرڻ جي لاءِ مزدورن کي گهرن مان کڻي احتجاج جي ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ جج ابوالحسنات ذوالقرنين عدالت جي ڪمري ۾ 32 جوابدارن جون هٿڪڙيون کولرائي ڪيس مان ڊسچارج ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس جيڪڏهن هنن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ته پوليس وارن کي هٿڪڙيون لڳرائي ڇڏيندس.