شھدادپور۾ ريلوي اسٽيشن لڳ جٽيا ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٻرھون جي رھواسي الحسيني صابري هوٽل جي مزدور لطف لاشاري پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي ھيٺيان مبينہ طور پنھنجو پاڻ ڏئي زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال شھدادپور پھچايو. جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اھڙو اطلاع سندس گهر پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب لطف الله ھوٽل تي مزدوري ڪندو ھو اڪثر غربت ۽ مھنگائي سبب پريشان رھندو ھو. غربت جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي اٿس.