پيرجوڳوٺ جي لاڙڪ محلا جو رهواسي، حجام جو ڪم ڪندڙ پورهيت ظهير احمد ميمڻ ڪينسر جهڙي موذي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ظهير احمد، جيڪو پنهنجي پورهي سان پنهنجي گهر جي ضرورتون پوريون ڪندو هو، هاڻي بيماريءَ سبب ڪم ڪرڻ کان قاصر ٿي ويو آهي. سندس خاندان غربت جي ڪري علاج ڪرائڻ کان لاچار آهي. ظهير احمد ۽ سندس ڪٽنب سرندي وارن ماڻهن، سماجي ادارن ۽ حڪومت کان مالي مدد جي اپيل ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر علاج لاءِ سهارو فراهم نه ڪيو ويو ته ظهير احمد جي زندگي بچائڻ مشڪل ٿي ويندي. ڪٽنب هن ڏکي وقت ۾ هر قسم جي مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي