تفصيل مؤجب: ڪنڌڪوٽ حرا پبلڪ اسڪول طرفان هر سال جيان هن سال به راندين جو ساليانو ڏينهن ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ ملهايو ويو۔ جنهن ۾ شاگردن ڪرڪيٽ, رسه ڪشي, مئجڪ چيئر, فروٽ کائڻ, سلو سائڪلنگ ڊوڙ, ڦوڪڻاڦوڙڻ ۽ ٻوري واري ڊوڙ واريون رانديون شامل هيون۔ راندين جي سالياني مقابلي ۾ حرا پبلڪ اسڪول جي شاگردن وڏي جوش ۽ خروش سان حصو ورتو۔ حرا پبلڪ اسڪول طرفان ملهايل سالياني راندين کي ڏسڻ لاء شاگردن کان علاوه شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقابلو کٽيندڙن کي خوب داد پڻ ڏنو۔ آخر ۾ حرا پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال استاد غلام مصطفى ميراڻي, سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ نظير احمد سومرو مقابلو کٽيندڙ ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي انعام طور ٽرافيون, شيلڊ ۽ روڪ رقم پڻ ڏني وئي۔