تفصيل موجب غوثپور لڳ انڊس هاءِ وي ڳوٺ فاضل اوڳاهي لاڙي واري علائقي م اڻڄاتل هٿياربندن غوثپور کان ڳوٺ ويندي موٽر سائيڪل سوار تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب مقدم علي حيدر اوڳاهي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس گهر واري مسمات رازل خاتون سخت زخمي ٿي پئي غوثپور اسپتال م سهولتون نه هئڻ ڪري سکر اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي م زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻن مڙس ء زال جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو واقعو اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿو پوليس موجب ته ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار هلندڙ هو