ايل پي جي سرڪاري قيمت کان 36 روپيه ڪلو مهانگي وڪرو ٿيڻ لڳي. رپورٽ موجب ايل پي جي في ڪلو 10 روپيه اضافي سان 290 روپيه ڪلو جي سطح تي پهچي وئي. انهي باري ۾ دوڪاندارن جو چوڻ هو ته مارڪيٽ ڪمپنين قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ايل پي جي سرڪاري قيمت کان 36 روپيه ڪلو مهانگي وڪرو ٿي رهي آهي. اوگرا طرفان(ايل پي جي) جي سرڪاري قيمت 254 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي هئي پر سرڪاري قيمت جي بجاءِ پاڻ ئي مارڪيٽنگ ڪمپنين قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري صارفين جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن.