اي پي ايس سانحي کي 10سال مڪمل، شهيدن جي وارثن جا زخم ٻيهر اٿلي پيا

اي پي ايس سانحي کي 10سال مڪمل، شهيدن جي وارثن جا زخم ٻيهر اٿلي پيا، شهيدن جي ياد ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ تقريبون ٿينديون راولپنڊي، اسلام آباد،لاهور ۽ ٻين ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند، صدر ، وزير اعظم ۽ چيئرمين پيپلزپارٽي پاران اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي ورسي تي پيغام، صدر آصف زرداري چيو ته اي پي ايس سانحي بطور قوم متحد ڪيو اي پي ايس سانحي مان واضح آهي ته دهشتگردن جي ايجنڊا فساد پکيڙڻ آهي، وزير اعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندا آهن، وقت اي پي ايس سانحي ۽ معصوم ٻارن جي جدائي جو صدمو نٿو مٽائي سگهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ثابت قدم رهندي. 16 ڊسمبر 2014 تي دهشتگردن پاران پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ 147 شاگرد شهيد ٿيا هئا.