قاضي احمد لڳ ڳوٺ فيصل ڪريم راهو جو رهواسي 26 ورهين جو شهيد ذوالفقار علي يونيورسٽي جو شاگرد غلام رسول ولد ذوالفقار علي راهو گذريل ڇهن مهينن کان پراسرار نموني گم آهي. وارثن. مختلف هنڌن تي ڳولا ۽ لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏيڻ باوجود هن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. غلام رسول جي گمشدگي وارثن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور تي نوٽيس وٺي، سندس بازيابي کي يقيني بڻائين. وارثن چيو آهي ته غلام رسول هڪ محنتي شاگرد هو ۽ هن جو ڪنهن سان به ڪوبه تڪرار نه هو. لاڳاپيل اختيارين کان اميد آهي ته انصاف ڪيو ويندو ۽ غلام رسول کي محفوظ طريقي سان گهر واپس آندو ويندو.