احمدپور: گم ٿيل 5 سالن جي نينگر جو لاش هٿ، گهر ۾ ڪهرام

احمدپور لڳ ڳوٺ تلو ڀانڊو مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 5 سالن جي معصوم نينگر مصباح ميتلو جو لاش ڳوٺ ڀرسان لالڻ واھ مان هٿ آيو. ڳوٺاڻن نينگر جو لاش واھ مان ٻاهر ڪڍي گهر پهچايو، جتي ڪهرام مچي ويو. نينگر جي والد آصف ميتلو ٻڌايو ته سندس پٽ 3 ڏينهن اڳ راند ڪندي گهر کان ٻاهر نڪري گم ٿي ويو هو. گمشدگي جو اطلاع احمدپور پوليس کي ڏنو ويو هو، پر ٻارڙي جو لاش هٿ اچڻ تي گهر ۾ غم جو ماحول ڇانئجي ويو. آصف ميتلو جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. وارثن اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.