پريالوءِ ڀرسان يوسي ڪوٽ مير محمد جي ڳوٺ واھڻ ڀٽا ۾ صفائي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. ڳوٺ جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير روزمره زندگي کي سخت متاثر ڪري رهيا آهن. مظاهرين محمد امين، ضمير حسين ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صفائي نظام جي خراب حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪيو مظاهرين ٻڌايو ته گندگي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب رستا بدبودار ۽ غير گذرندڙ بڻجي ويا آهن. خاص طور تي اسڪول ويندڙ ٻار ۽ مسجد ڏانهن ويندڙ نمازي سخت پريشان آهن. ان گندگي سبب ڳوٺ ۾ مختلف بيماريون عام ٿي ويون آهن، جيڪو ڳوٺاڻن جي صحت لاءِ سنگين خطرو آهي. مظاهرين اعلي اختيارين کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.