“پريالوءِ ۾ ڪاري ڪامڻ جي تباهي: صحت جو وڏو بحران”

پريالوءِ ۾ ڪاري ڪامڻ تباهي مچائي ڇڏي: عوام لاءِ وڏو صحت جو بحران، پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪاري ڪامڻ (هيپاٽائٽس) جي وبا خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪجهه متاثر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. علائقي واسين ۽ صحت جي ماهرن موجب، وبا جي تيزي سان ڦهلجڻ جا مکيه سبب گدلو ۽ غيرمحفوظ پاڻي، صفائي جي ناقص حالتون ۽ صحت جي سهولتن جي شديد کوٽ آهن.گدلو پاڻي ۽ صفائي جون ناقص حالتون پريالوءِ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه ناهي، جنهن ۾ ڪيميائي آلودگي ۽ جراثيم موجود آهن. ان سان گڏ علائقي ۾ صفائي جي خراب صورتحال ۽ کوڙن ڪچري جي ڍيرن بيماري جي ڦهلاءُ کي تيز ڪيو آهي. ڪيترائي ماڻهو جن کي ڪاري ڪامڻ جي علامتن جو علم ئي ناهي، دير سان علاج شروع ڪن ٿا، جنهن ڪري حالت وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. علائقي ۾ موجود صحت مرڪزن ۾ نه ته جديد طبي سهولتون موجود آهن ۽ نه ئي ڪافي تعداد ۾ ڊاڪٽر ۽ تربيت يافته عملي جو بندوبست آهي. مريضن کي علاج لاءِ وڏن شهرن، ڏي وڃڻو پوي ٿو، جيڪو غريب ماڻهن لاءِ هڪ وڏو مالي بار بڻجي ٿو. عطائي ڊاڪٽرن جي سرگرمين صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي صحيح علاج مهيا ڪرڻ بدران مريضن کي وڌيڪ نقصان پهچائي رهيا آهن. ڪاري ڪامڻ سبب ڪيترائي خاندان ڏکيائين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. علائقي واسين ٻڌايو ته بيماري جو شڪار ڪيترائي مزدور ۽ غريب ماڻهو آهن، جيڪي روزمره ڪمائڻ ۽ علاج لاءِ خرچ ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ڪيترن ئي متاثرن جا پيارا بهتر علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا، جنهن ڪري عوام ۾ مايوسي ۽ غصو وڌي رهيو آهي.پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي عوام صحت کاتي ۽ اعليٰ حڪومتي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته طبي ڪئمپن جو بندوبست ڪيو وڃي وبا کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي طبي ڪئمپون لڳايون وڃن، جتي ماڻهن جو مفت علاج ڪيو وڃي پاڻي جي فراهمي کي صاف بڻايو وڃي: علائقي ۾ پاڻي جي صفائي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن. پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڳوٺ قائم الدين اوڍو ، ڳوٺ الراڀٽا، ڳوٺ ملھار اوڍو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاري ڪامڻ جي وبا صحت جي بحران جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن فوري طور تي موثر قدم نه کنيا ويا، ته وبا وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي سگهي ٿي. علائقي واسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت ۽ صحت جا ادارا هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺندا ۽ متاثر ماڻهن لاءِ ترت امدادي قدم کنيا ويندا