“دلين جو ناتو، دفاعي ڀائيواري: مريم نواز چين سان گڏ

يومِ تاسيس جي موقعي تي مريم نواز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين جي هٿياربند فوجن جو قومي ۽ عالمي امن لاءِ ڪردار قابلِ تحسين آهي، اسين پنهنجي لوهه جي ڀاءُ کي سلام پيش ڪريون ٿا مريم نواز چيو ته پاڪ-چين لاڳاپا رڳو رياستي يا دفاعي مفادن تائين محدود ناهن، پر اهي دلين جا ناتا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ڀائيواري، لا زوال دوستي جي روشن علامت آهي (اهو به پڙهو:) پنجاب حڪومت چين سان گڏ آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي: مريم نواز وزيراعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته پيپلز لبريشن آرمي جي پيشورانه مهارت، جديد فوجي حڪمت عملي ۽ قومي خدمت جو جذبو مثالي آهي. پاڪ-چين هٿياربند فوجن جي وچ ۾ ٻه طرفي اعتماد، تربيت جي همڪاري ۽ دفاعي شراڪت وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي هن چيو ته پنجاب حڪومت دوست ملڪ چين سان گڏ صنعتي ترقي، ماحوليات، زراعت ۽ تعليم جي شعبي ۾ گڏيل منصوبن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي.