ٺڪراٺو ويجهو ڳوٺ ڍنڍي ۾ سيد برادري جي ماڻهن بااثرن ۽ خانڳڙه سب ڊويزن جي ايس ڊي او ايريگيشن غلام مرتضیٰ پتافي ۽ سندس عملي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران مظاهرين نعريبازي ڪندي وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو۔ علي حسن شاهه، ڪليم شاهه، سجاد شاهه، رب نواز شاهه، ڪامران شاهه ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته سندن برادري جي بااثر وڏيري واجد شاهه ۽ ايس ڊي او ايريگيشن غلام مرتضیٰ پتافي رات جي وقت زبردستي سندن واٽر ڪورس ڊاهي ڇڏيو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڙي وڃڻ جو خطرو آهي۔ مظاهرين جو الزام هو ته ايس ڊي او بااثر ماڻهن کان رشوت وٺي سندن ونگار وهي ٿو ۽ مخالف کين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔ انهن ايس ايس پي سکر، ڊي آءِ جي سکر، چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاهه، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ ايريگيشن کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ ايس ڊي او خلاف ڪارروائي ڪري زبردستي بند ڪيل واٽر ڪورس کولرائي انهن جون زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايون وڃن۔ ٻئي پاسي واجد شاهه الزام رد ڪندي چيو ته کيس واقعي بابت ڪا ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ايس ڊي او ايريگيشن غيرقانوني واٽر ڪورس هئڻ سبب پاڻ ڊاهي ڇڏيو آهي ۽ مٿس لڳايا ويل الزام بي بنياد آهن۔
