گلشن معمار ۾ ڊڪيتي دوران مزاحمت تي فائرنگ هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي جي گلشن معمار ناردرن باءِ پاس ڀرسان گهر ۾ ڊڪيتي جي واردات دوران مزاحمت تي فائرنگ ٿي، جنهن ۾ هڪ شخص جان وڃائي ويٺو۔ لواحقين موجب 15 کان وڌيڪ هٿياربند ڏوهاري گهر ۾ گهڙي پيا ۽ مزاحمت تي فائرنگ شروع ڪري ڏني۔گوليون لڳڻ سبب نور بهار نالي شخص سخت زخمي ٿيو جيڪو اسپتال ۾ زخمن سندو وس نه جهلي سگهيو ۽ دم ڏئي ويو۔ گهر وارن جو چوڻ آهي ته 15 تي ڪالون ڪرڻ باوجود پوليس نه واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نه ئي اسپتال ۾ ڪو ذميوار پهتو۔پوليس ترجمان چيو ته واقعي بابت پهريان اطلاع نه هئا، هاڻي معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي۔ ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اي ايس آءِ کي اسپتال موڪليو ويو آهي۔پوليس واقعي جي وڌيڪ تفتیش شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪرڻ بابت به غور هيٺ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو