پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشنز جي گرينڊ الائنس 9 جنوري تي سنڌ ڀر ۾ نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مڪمل هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ اهو اعلان گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز سنڌ جي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو۔پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن نجي تعليمي ادارن کي درپيش سنگين مسئلن تي ڳالهائيندي اينٽي ڪرپشن طرفان اسڪولن ۾ ٿيندڙ تصديقي ڪارروائين تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو۔ هنن چيو ته تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد آهي، پر سنڌ ۾ اڄ به لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، اهڙي صورتحال ۾ نجي تعليمي ادارا محدود وسيلن هوندي به گهٽ فيسن تي تعليم ۽ فري شپ فراهم ڪري رهيا آهن۔اڳواڻن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي 8 ڊسمبر 2025 واري فيصلي کانپوءِ اينٽي ڪرپشن کي فري شپ فهرستن جي تصديق جو ڪم سونپيو ويو، جنهن تحت ٽيمون سڌو اسڪولن ۾ جاچ ڪري رهيون آهن، جيڪو سنڌ پرائيويٽ انسٽي ٽيشنز ايڪٽ 2013 جي خلاف آهي۔هنن چيو ته قانون موجب ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽي ٽيشنز ئي واحد بااختيار ريگوليٽري ادارو آهي۔ اسڪولن ۾ هٿياربند اهلڪارن جي اچ وڃ سبب استادن، ٻارن ۽ والدين ۾ خوف ۽ ذهني پريشاني پيدا ٿي رهي آهي۔گرينڊ الائنس جي اڳواڻن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور معاملي ۾ مداخلت ڪن ۽ تصديقي عمل باوقار طريقي سان مڪمل ڪرايو وڃي۔اعلان ڪيو ويو ته 6 کان 8 جنوري تائين سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ احتجاجي اجلاس ٿيندا، 8 جنوري تي يومِ سياه ملهايو ويندو، جڏهن ته 9 جنوري تي سنڌ ڀر جا سڀ پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج مڪمل هڙتال ڪندا۔