رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ هر سماج ۾ ناپسنديده عمل سمجهيو وڃي ٿو، پر ان باوجود اهڙا واقعا سامهون ايندا رهن ٿا۔ اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارت ۾ پيش آيو، جتي پوليس جي هڪ اهلڪار کي صرف ٻه هزار رپيا رشوت وٺڻ تي چار سال قيد جي سزا ڀوڳڻي پئي۔ مدهيه پرديش پوليس جي ڪانسٽيبل ووِيڪ ساهو کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ ٽرائل ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ تحت چار سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي۔ جوابدار فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، پر عدالت سزا برقرار رکندي ضمانتي مچلڪا رد ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو۔رپورٽ موجب ڪانسٽيبل ووِيڪ ساهو، ديوا سنگهه نالي شخص کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ٻه هزار رپيا رشوت گهري هئي۔ متاثر شخص لوڪ آيُڪت وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن بعد لوڪ آيُڪت ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار کي رشوت وٺندي رنگي هٿان گرفتار ڪيو۔هي فيصلو ڪرپشن خلاف سخت قدم طور ڏٺو پيو وڃي
