حيدرآباد پوليس هيڊڪوارٽر جو ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

حيدرآباد پوليس هيڊڪوارٽر جو ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي تيز رفتاري سبب پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي۔پوليس موجب ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي لطيف آباد يونٽ نمبر 12 ۾ پنهنجي ذاتي ڪار ۾ سفر ڪري رهيو هو ته تيز رفتاري سبب گاڏي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو۔ايس ايس پي حيدرآباد عادل حسين چانڊيو ٻڌايو ته زخمي ڊي ايس پي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو۔پوليس موجب قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي

پنھنجي راءِ لکو