اسلام آباد ۾ اهم اجلاس اڄ، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ وڏن فيصلن جو امڪان

سلام آباد: وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان جي امڪاني ثالثي ڪردار بابت اڄ ملڪ جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت اهم اجلاس ۾ گڏ ٿيندي، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔تفصيل موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير، چارئي صوبن جا وڏا وزير ۽ اعليٰ فوجي عملدار شرڪت ڪندا۔
اجلاس دوران ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ ان جي علائقائي اثرن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته پاڪستان جي ثالثي ڪردار تي به غور ڪيو ويندو۔
ذريعن موجب خليجي ملڪن تي حملن جي صورتحال، قومي سلامتي ۽ معاشي استحڪام بابت به بحث ڪيو ويندو۔ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چار ملڪي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندو۔
ان کان علاوه پيٽروليم ذخيرن، ترسيل نظام ۽ عالمي بحران جي اثرن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن لاءِ سبسڊي بابت اهم فيصلا به متوقع آهن۔اجلاس ۾ ممڪن اسمارٽ لاڪ ڊائون ۽ هنگامي قدمن تي پڻ غور ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به غير معمولي صورتحال ۾ عوام جي اچ وڃ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي منظم رکيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو