ڪراچي گارڊن ويسٽ ۾ شوهر مبينه طور پنهنجي زال تي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي مار ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، زخمي زال اسپتال منتقل ڪئي وئي۔

ڪراچي (ویب ڊيسڪ) — گارڊن ويسٽ ۾ واقع هڪ گهر ۾ دلخراش واقعو پيش آيو، جتي شوهر مبينه طور پنهنجي زال تي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي مار ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي۔

تفصيلن موجب گارڊن ويسٽ واري علائقي ۾ ميان زال جي وچ ۾ تلخ ڳالهين شدت اختيار ڪري ويون، جنهن دوران غصي ۾ اچي شوهر پنهنجي زال پلوشہ تي فائرنگ ڪئي. زخمي زال کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت تشويشناڪ ٻڌائي پئي وڃي۔

پوليس ذريعن موجب خودڪشي ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ 40 سالن جي سليمان جي نالي سان ٿي آهي. ابتدائي ثبوتن ۽ بيانن موجب هي واقعو گهريلو تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو. جڳھِ وقوع کان ثبوت گڏ ڪري ورتا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن فائرنگ جي اصل سبب جو پتو لڳائي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو