ڪراچي: جماعت اسلامي پئٽرول جي قيمت 458 رپيا في ليٽر تائين پهچڻ تي اڄ کان ملڪ ڀر ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
امير جماعت اسلامي پاڪستان، حافظ نعيم الرحمان پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ زبردست اضافي کي “عوام تي پئٽرول بم” قرار ڏيندي اڄ کان ملڪ ڀر ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته پئٽرول جي قيمت 458 رپيا تائين پهچائڻ غريب ۽ وچولي طبقي تي سراسر ظلم آهي.
حافظ نعيم الرحمان سخت تنقيد ڪندي چيو ته هڪ طرف عوام مهانگائيءَ هيٺ دٻي رهيا آهن، ۽ ٻي طرف حڪمران پنهنجون عياشيون، مهانگا جهاز ۽ قيمتي گاڙيون ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو سڀ بوجهه عوام جي ڪلهن تي وڌايو پيو وڃي.
هن مطالبو ڪيو ته حڪومت IMF جي سامهون نه جھڪي پر عوام کي رليف فراهم ڪري ۽ واضح ڪيو ته پئٽروليم ليوي کي ختم ڪيو وڃي ها، پر حڪومت ان کي برقرار رکندي عوام جو معاشي قتل ڪيو، پئٽروليم شين ۾ تازي واڌ قبول نه ڪئي ويندي.
امير جماعت اسلامي ملڪ جي نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته هو گهرن مان ٻاهر نڪري حالتن کي بدلڻ لاءِ جدوجهد جو حصو بڻجن.
هن عزم ظاهر ڪيو ته جماعت اسلامي پنهنجي احتجاجي تحريڪ ذريعي حڪمرانن کي عوام دشمن فيصلن کان پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندي.
