لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته الحمدالله هڪ دفعو ٻيهر پنجاب عوام کي رليف ڏيڻ ۾ سمورن صوبن کان اڳيان نڪري ويو آهي. جڏهن به عوام کي سهولتون ڏيڻ جو موقعو ايندو، انهي وقت پنجاب سڀني کان اڳيان هوندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز عوام کي رليف ڏئي دلي سڪون محسوس ڪندي آهي. پنجاب جي عوام کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو پر هر مشڪل ۾ انهي سان گڏ بيٺل رهي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز سموري پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي فري ڪري عوام جا دل کٽي ورتا آهن. جنگ جي صورتحال برقرار رهڻ تائين شهري پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ بالڪل مفت سفر ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز هارين کي اوليت ڏيندي آهي. ٻن سالن دوران هارين لاءِ تاريخي قدم کنيا ويا، جڏهن ته پنجاب جو هاري سموري پاڪستان کي زرعي ٻج فراهم ڪندو آهي.
هن تنقيد ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي عوام جون سڀني کان وڏيون خير خواهه هجڻ جون دعوائون ڪندڙ صوبائي حڪومتون ۽ انهن جون پارٽيون خاموش بڻيل آهن.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول جي قيمت ۾ 80 روپيه وڌيڪ گهٽ ڪري ڇڏيا آهن. عوام تي بار وجهڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪابينه جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. عظميٰ بخاري موجب ڪفايت شعاري مهم مان حاصل ٿيندڙ رقم جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچايا پيا وڃن.
