سکر ۾ پيٽروليم اگهن ۾ اضافي خلاف ايس يو پي جو ڪفن پائي انوکو احتجاج

سکر (رپورٽر) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي ڪارڪنن مرڪزي سڏ تي سکر پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به ڪفن پائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ۾ ايس يو پي اڳواڻ عيدن جاگيراڻي، قومپرست اڳواڻ غلام مصطفا ڦلپوٽو، ضلعي صدر ماجد ڏنور، جي يو آءِ اڳواڻ عبيدالله ڀٽو، سراج احمد ڊوگر، صدام مهر ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهرين ڪفن پائي احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽائي عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي.

مظاهرين چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿيڻ سان هر عام واھپي جي شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي. هنن الزام هنيو ته حڪومت ڪاروباري طبقي کي فائدو پهچائي رهي آهي جڏهن ته غريب عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي.

هنن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي سبب عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، اهڙي صورتحال ۾ ايندھن جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿيڻ سان کاڌي پيتي جي شين، دوائن ۽ گاڏين جي ڀاڙن ۾ به اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت تڪليف ۾ آهي.

مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا وڌايل اگهه واپس نه ورتا ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو