گيهه ۽ تيل جي قيمتن ۾ 100 کان 150 روپيه في ڪلو اضافي جو امڪان: بناپستي مينو فيڪچرز ايسوسيئيشن

سکر (رپورٽر) – بناپستي مينو فيڪچرز ايسوسيئيشن (PVMA) طرفان جاري ڪيل بيان موجب گيهه ۽ تيل جي قيمتن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ 100 کان 150 روپيه في ڪلو تائين اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ايڊوائزر PVMA موجب، پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ سبب ملن جي پيداوار جي لاڳت ۾ به واڌ ٿي آهي. گيهه جي ملن ۾ ٽرانسپورٽيشن ۽ پروڊڪشن جي خرچن ۾ اضافو اهڙو ٿي چڪو آهي جو برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

PVMA ايڊوائزر وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت کي فوري طور تي هڪ پينل ٺاهڻ گهرجي، جيڪو قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ مؤثر حڪمت عملي جو جائزو وٺي ۽ عوام لاءِ مناسب حل ڪڍي سگهي.

پنھنجي راءِ لکو