سکر/خيرپور (ويب ڊيسڪ) – اندرونِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چمڙي جي بيمارين، منڪي پاڪس ۽ خسري جا ڪيس سامهون اچڻ بعد صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي۔ رپورٽن موجب هيل تائين 7 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻار متاثر آهن۔
ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي موجب چار ٻارن جي فوتگين جو سبب منڪي پاڪس وائرس بڻيو، جڏهن ته چمڙي جي بيماري ۾ 19 ٻار مبتلا ٿيا هئا۔
هن ٻڌايو ته وڌيڪ فوتگيون خيرپور جي تعلقي ٺري واهه ۾ رپورٽ ٿيون آهن۔ بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ خيرپور ۾ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن۔
ڪمشنر موجب منڪي پاڪس ۽ خسري کان متاثر ٻارن جي علاج ۽ بيماري جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ سکر ڊويزن جي اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن ۽ صحت کاتي کي الرٽ ڪيو ويو آهي۔
انتظاميا والدين کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارن ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور ويجهي اسپتال سان رابطو ڪن ته جيئن بروقت علاج ممڪن بڻائي سگهجي۔
