ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ): Mirpur Khas ڀرسان کاڻ ٿاڻي جي حد نزديڪ آباد ۾ مبينا طور ڪارنهن جو الزام هڻي 22 ورهين جي حسنا سولنگي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو. مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
مقتولا جي والد خالق ڏني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حسنا کي اتفاقي طور گولي نه لڳي پر کيس ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي. هن انصاف جو مطالبو ڪندي چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
ان موقعي تي مقتولا جي چاچي حاجي خان ٻڌايو ته کين پاڙي وارن ذريعي اطلاع مليو ته ڇوڪري کي گولي لڳي آهي، جڏهن ته ساھرن مان ڪنهن به کين آگاهه نه ڪيو. هن چيو ته حسنا ۽ سندس مڙس وچ ۾ گهرو اڻبڻت جون ڳالهيون اڳ به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.
سندس چوڻ هو ته واقعي کان پوءِ به جوابدار اسپتال نه آيا، جنهن مان شڪ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.
هوڏانهن کاڻ پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري عورت جي مڙس احمد سولنگي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
