اسلام آباد: وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي جنگ بندي تي ايندڙ جمعي تي ملڪ ۾ يومِ تشڪر ملهايو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هن اهم معاهدي ۽ پاڪستان جي اهم ڪردار تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس دوران متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ان ڪاميابي جي موقعي تي خاص پروگرام ۽ دعائون منعقد ڪيون وڃن.
وزيراعظم پوري قوم کان اپيل ڪئي آهي ته يومِ تشڪر تي خطي ۾ امن ۽ ڪامياب مذاڪرات لاءِ دعاون ڪيون وڃن. هن فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي انتھڪ ڪوششن کي سراہيو ۽ ڪابينا جا ميمبر ڊيسڪ وجهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
شهباز شريف چيو، “الله پاڪ پاڪستان جو وقار بلند ڪيو آهي ۽ هي ڪاميابي پوري قوم جي آهي. پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي مذاڪرات ميزباني جو شرف حاصل ٿيو آهي.”
وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ نائب وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کي پڻ سراہيو ۽ چيو ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل جدوجهد سان ناممڪن ڪم ممڪن بڻيو.
وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ارادو ظاهر ڪيو، “اسان هن عارضي جنگ بندي کي مستقل امن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪنداسين. اسان جو مقصد خطي ۽ دنيا کي باهه جي شعلن کان بچائي پرامن بڻائڻ آهي.”
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو، ۽ موجوده پيش رفت ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان عالمي بحرانن جي حل ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل آهي.
