اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ لڳ ڀڳ 45 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ تازي جنگبندي، علائقائي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جنگبندي لاءِ ايراني قيادت جي دانائي کي ساراهيو ۽ آمريڪا سان اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪرڻ تي ايران جو ٿورو ادا ڪيو. هن ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي لاءِ به نيڪ خواهشن جو پيغام اماڻيو.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صدر مسعود پزشڪيان ٻن هفتن جي جنگبندي لاءِ قدم کڻڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورائتا ٿيا ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ايران جو اعليٰ سطحي وفد ڳالهين لاءِ جلد اسلام آباد جو دورو ڪندو.
سفارتي ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي بابت گڏيل ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ايران طرفان پارليامينٽ اسپيڪر باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جڏهن ته آمريڪا طرفان نائب صدر جي ڊي وينس ۽ نمائندو اسٽيو وِٽڪوف شرڪت ڪندا.
