خيبر پختونخوا ۾ ڪمرشل گاڏين لاءِ احساس فيول سپورٽ اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو

خيبر پختونخوا حڪومت ڪمرشل گاڏين جي مالڪن لاءِ “احساس فيول سپورٽ اسڪيم” شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازو وڏي واڌ، جيڪا ايران جنگ جي پسمنظر ۾ سامهون آئي، کان پوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهيون آهن۔ موٽر سائيڪل سوارن کان وٺي پبلڪ ٽرانسپورٽ تائين فيول رليف پيڪيجز متعارف ڪرايا پيا وڃن۔
ان ئي سلسلي ۾ خيبر پختونخوا حڪومت ڪمرشل ٽرانسپورٽ شعبي جي مدد لاءِ هن نئين اسڪيم جو اعلان ڪيو آهي۔محڪمه ٽرانسپورٽ خيبر پختونخوا موجب، اسڪيم تحت ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ماهوار سبسڊي ڏني ويندي۔تفصيل موجب:بسن لاءِ هڪ لک رپيا ماهوار
وڏين گاڏين لاءِ 80 هزار رپياٽرڪن لاءِ 70 هزار رپياني بسن لاءِ 40 هزار رپياوينز لاءِ 35 هزار رپيا ماهوار سبسڊي مقرر ڪئي وئي آهيمحڪمه ٽرانسپورٽ جو چوڻ آهي ته اسڪيم لاءِ درخواست ڏيڻ جو عمل مڪمل طور تي ڊجيٽل رکيو ويو آهي، جيئن شفافيت ۽ سهولت کي يقيني بڻائي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو