لبنان تي اسرائيلي فوج جا وحشياڻا حملا جاري آهن، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي۔
لبناني وزارت صحت موجب 2 مارچ کان جاري اسرائيلي ڪاررواين ۾ هينئر تائين شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 2055 تائين پهچي ويو آهي۔
رپورٽن مطابق اسرائيلي بمباري سبب زخمين جو تعداد به وڌي 6588 ٿي ويو آهي، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي۔ اسپتالن ۾ زخمين جي وڌندڙ تعداد ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب ملڪ ۾ انساني بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي۔
لبناني عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب شهيدن ۽ زخمين جو انگ هر گهڙي وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي علائقا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن۔
صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي لبناني حڪومت عالمي برادري کان فوري مداخلت جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن بيگناهه شهرين جي جاني نقصان کي روڪي سگهجي ۽ انساني بنيادن تي امداد مهيا ڪئي وڃي۔
