لاهور جي غالب مارڪيٽ پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان هڪ منظم گروهه کي ٽريس ڪندي شاهدره مان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس ترجمان موجب ڊي آءِ جي آپريشنز ايس ايڇ او غالب مارڪيٽ کي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو هو، جنهن بعد ڪارروائي ڪندي گاڏين جا سائيڊ شيشا چوري ڪندڙ 4 رڪني خانداني گروهه کي گرفتار ڪيو ويو۔جاچ موجب هن انوکي گينگ جو سرغنه پاڻ مرڪزي جوابدار هو، جنهن پنهنجن پٽن ۽ هڪ ويجهي مائٽ سان گڏجي اهو گروهه ٺاهيو هو۔جوابدار رات جي اوندهه ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل گاڏين جا قيمتي سائيڊ شيشا چوري ڪندا هئا۔ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ کين واردات کان پوءِ آساني سان فرار ٿيندي به ڏسي سگهجي ٿو۔ايس پي آپريشنز موجب جوابدارن چوري ٿيل مال وڪڻڻ لاءِ بلال گنج مارڪيٽ ۾ شيشن جي باقاعده دڪان قائم ڪري رکي هئي، جتي اهي چوري ڪيل شيشا سستي اگهه تي وڪرو ڪندا هئا۔پوليس ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان چوري ٿيل شيشن سان ڀريل 4 ڳوڻيون ۽ وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 2 موٽر سائيڪلون به برآمد ڪيون ويون آهن۔
جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي
