ڀارت: درڀنگه ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، معصوم ٻار سميت 3 ڄڻا فوت

دربھنگہ: ڀارت جي رياست بهار جي ضلعي درڀنگه جي علائقي سندرپور ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي سبب ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا۔

ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو يونيورسٽي پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ ٽينو پيڊ ڀرسان بيچن داس جي گهر ۾ پيش آيو، جتي رات جي ماني جي تياري جاري هئي۔

رپورٽن موجب گيس سلينڊر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن کان پوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو۔ باهه تيزي سان پکڙجي وئي ۽ گهر وارا پاڻ کي بچائي نه سگهيا، جنهن سبب سڄو گهر باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو۔حڪامن موجب فوتين ۾ گووند داس، مسو ڪماري ۽ ٽي مهينن جو معصوم ٻار شامل آهن، جيڪي علاج دوران فوت ٿي ويا۔ڪائونسلر جي نمائندي موجب فوتين ۾ ماءُ، پيءُ ۽ سندن ننڍڙو ٻار شامل آهن۔ اهي نئين باورچي خاني ۾ کاڌو تيار ڪرڻ وارا هئا ته اوچتو اهو حادثو پيش آيو۔ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي ويجهي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي۔واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، جڏهن ته فائر برگيڊ به جلدي پهچي باهه وسائي ڇڏي۔حادثي کان پوءِ سندرپور علائقي ۾ سوڳ جو ماحول آهي ۽ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪري رهيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو