ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکھر موجب سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي طرفان سکھر ۾ عورتن ۾ مفت اسڪوٽيون ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي۔
تقريب ۾ خورشيد احمد شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سيد اويس قادر شاهه ۽ مڪيش ڪمار چاوڙا سميت ڪيترائي اهم شخصيتون موجود هيون۔
ان کان علاوه ميئر سکھر ارسلان اسلام شيخ، چيئرمين ضلع ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين سياسي و سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ عورتون ۽ سندن گهر ڀاتي پڻ موجود هئا۔
مقررین چيو ته مهانگائي جي دور ۾ سنڌ حڪومت عوام کي سستي ۽ باعزت سفري سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، ۽ هي اسڪيم خاص طور عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ وڏي سهولت آهي۔
هنن چيو ته فري اسڪوٽي اسڪيم بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق عورتن کي بااختيار بڻائڻ طرف اهم قدم آهي، ۽ سڀ درخواست ڏيندڙ عورتن کي ميرٽ جي بنياد تي اسڪوٽيون ڏنيون وينديون۔
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد عورتن کي خودمختيار بڻائڻ آهي، جڏهن ته هن منصوبي کي وڌيڪ وڌائڻ جي به ضرورت آهي۔
