راولپنڈی: فیلڈ مارشل سید عاصم منیر جو ايران جو ٽي ڏينهن وارو اهم سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس پهتو، ان دوران هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون۔

تفصيلن موجب آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جو ايران جو ٽي ڏينهن وارو اهم سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو آهي۔

ترجمان موجب هن دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ علائقائي سيڪيورٽي، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻطرفي سهڪار بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔

دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تهران ۾ مصروف ڏينهن گذاريو ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون۔

فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشکیان، اسپيڪر، پرڏيهي وزير ۽ خاتم الانبياء هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبدالله سان ملاقاتون ڪيون۔

آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران اهم معاملن تي اتفاق ڪيو ويو ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

فيلڊ مارشل علائقائي تڪرارن جي پرامن حل، ڳالهين جي اهميت ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته وچ اوڀر جي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو۔

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي قيادت ۽ عوام جي شاندار مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو۔

هن پاڪستاني قيادت ۽ عوام طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام به ايراني اختيارين تائين پهچايو ۽ عزم ورجايو ته ٻن برادر اسلامي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو