ڪراچي: لياري ۾ افسوسناڪ واقعو، گٽر جي صفائي دوران 3 مزدور ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

ڪراچي جي علائقي لياري سيڪٽر 36 ۾ گٽر جي صفائي دوران 3 مزدور زهريلي گيس سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿي ويا.

رپورٽ موجب مزدور صفائي لاءِ گٽر ۾ لٿا ته ان دوران اوچتو بيهوش ٿي ويا. واقعي کان پوءِ امدادي ڪارروائيون ڪيون ويون، پر ٽنهي مزدورن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ باوجود بچائي نه سگهجي سگهيو.

واقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ان کان اڳ سرجاني واري علائقي ۾ به اهڙو ئي واقعو پيش آيو هو، جتي 3 ڄڻا گٽر ۾ لهڻ بعد بيهوش ٿي ويا هئا، جڏهن ته هڪ شخص کين بچائڻ لاءِ لٿو، جنهن بعد چارئي ڄڻا ٻاهر ڪڍيا ويا. ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي، جن مان 3 فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو محفوظ رهيو.

هي واقعا شهر ۾ سيورج صفائي دوران حفاظتي انتظامن جي کوٽ تي به سوال اٿاري رهيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو