ڊونلڊ ٽرمپ جو ايران بابت وڏو بيان، “سڀاڻي ڪو وڏو سرپرائز ٿي سگهي ٿو”

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڪيترن ئي معاملن تي اڳ ئي اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ جلد اهم اڳڀرائي سامهون اچي سگهي ٿي۔

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسين موجب صدر ٽرمپ چيو ته “ايران بابت سٺي خبر آهي، سڀاڻي ڪجهه وڏو ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ وڏو سرپرائز به ملي سگهي ٿو.”

هن چيو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ايران جي بندرگاهن تي پابنديون برقرار رکندو۔ سندس چوڻ هو ته ايران سان ڪيترن ئي نقطن تي ڳالهيون جاري آهن ۽ سندس نمائندا ڳالهين ۾ مصروف آهن۔

ٽرمپ موجب ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا۔ هن چيو ته حتمي فيصلو هو پاڻ ڪندو ۽ ممڪن آهي ته جنگ بندي بابت به ڪو نئون فيصلو سامهون اچي۔

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هڪ “اهم ۽ ذهين شخصيت” سڀاڻي وائٽ هائوس ايندي ۽ صبح هڪ اهم پريس ڪانفرنس به ڪئي ويندي، جيتوڻيڪ اهو ايونٽ سڌو سنئون ايران سان لاڳاپيل نه هوندو پر ان بابت سوال ضرور ڪيا ويندا۔

هن لبنان بابت ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا لبنان کي ٻيهر مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ڪندو۔ جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم بابت هن چيو ته ڪجهه معاملن تي اختلاف موجود آهن، پر نيتن ياهو سٺو ساٿي رهيو آهي۔

ٻئي پاسي ايران آبنائي هرمز کي ڪمرشل جهازن لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني اختيارين موجب اهو فيصلو جنگ بندي سان مشروط هوندو ۽ ڪنهن به معاهدي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ان کي ٻيهر بند ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو