شهر ۾ پيش آيل ٻن مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ ٽريلر ۽ ڊمپر جي ٽڪر سبب ٻه موٽر سائيڪل سوار نوجوان حياتي وڃائي ويٺا۔
تفصيلن موجب پهريون حادثو ماڙي پور روڊ تي پيش آيو جتي هڪ تيز رفتار ٽريلر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو۔
پوليس ڪارروائي ڪندي ٽريلر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔
ٻيو حادثو سپر هاءِ وي تي پيش آيو جتي ڊمپر موٽر سائيڪل کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب عبدالله نالي نوجوان فوت ٿي ويو۔ حادثي کان پوءِ ڊرائيور ڊمپر سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي۔
ٻنهي فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن۔
ريسڪيو ذريعن موجب هلندڙ سال دوران ٽريفڪ حادثن ۾ 312 ماڻهو فوت جڏهن ته 3275 زخمي ٿي چڪا آهن۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هن سال ٽريلر جي ٽڪر سان 48، واٽر ٽينڪر سان 31، بس سان 12 ۽ ڊمپر سان 5 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته ڳري گاڏين جي حادثن ۾ مجموعي طور 107 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن۔
