ڪراچي: ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ دنيا وڏي خوشخبري ٻڌندي، سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وزيرِ بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن اندر دنيا هڪ وڏي خوشخبري ٻڌندي۔

تفصيلن موجب سيد ناصر حسين شاهه ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون جي ٻئي دور کي پاڪستان جي تاريخي سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستاني قيادت ۽ عوام هن عمل بابت تمام گهڻا پراميد آهن۔

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ جرئت وارو قدم کنيو آهي، اڄ دنيا جا ڪروڙين ماڻهو امن لاءِ پاڪستان جا ٿورائتا آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سميت دنيا جا وڏا ملڪ هاڻي پاڪستان کي پرامن ۽ ذميوار ملڪ طور تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اهي ڳالهيون پاڪستان جي دشمنن تي “بجلي بڻجي ڪريون آهن”۔

صوبائي وزير چيو ته هن تاريخي ڪاميابي جو ڪريڊٽ ملڪ جي قيادت کي وڃي ٿو، جنهن ۾ صدرِ مملڪت، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ اسحاق ڊار شامل آهن، جن هن نازڪ مرحلي تي اهم ڪردار ادا ڪيو۔

هن خاص طور تي چيو ته فيلڊ مارشل ڳالهيون جي ٻئي دور کي يقيني بڻائڻ لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪيون آهن۔

سيد ناصر حسين شاهه پر اعتماد لهجي ۾ چيو ته “انشاءَ الله پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مڪمل جنگ بندي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ دنيا وڏي خوشخبري ٻڌندي”۔

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو جهنڊو سڄي دنيا ۾ امن جي علامت طور بلند ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون نه رڳو علائقائي استحڪام پر عالمي معيشت ۽ امن لاءِ به اهم سنگ ميل ثابت ٿينديون۔

پنھنجي راءِ لکو