پاڪ بحريه پاران “تيمور” ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريه اينٽي شپ ويپن سسٽم “تيمور” ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي۔

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪروز ميزائل جو هي تجربو پاڪ بحريه جي ٺيڪ نشاني تي وار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ آپريشنل تيارين جو طاقتور مظاهرو آهي، ميزائل پنهنجي مشن کي انتهائي درستگي سان مڪمل ڪيو۔

اداري موجب هن تجربي سان دشمن جي سامونڊي خطرن کي سڃاڻڻ، نشانو بڻائڻ ۽ ناڪاره بنائڻ جي پاڪ بحريه جي جنگي صلاحيتن جي تصديق ٿي آهي۔

پاڪ بحريه جو چوڻ آهي ته هي مظاهرو قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اهم اضافو آهي، جيڪو روايتي ميدان ۾ هٿياربند فوج جي دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي سگهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو۔

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريه قومي بحري مفادن ۽ علائقائي خودمختياري جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي۔

ان موقعي تي آصف علي زرداري، شهباز شريف ۽ سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد پيش ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو