اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جنگ بندي ۾ واڌ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سڀئي ڌريون جنگ بندي تي عمل ڪنديون۔
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي طرفان صدر ٽرمپ جا شڪرگذار آهن، جن پاڪستان جي درخواست قبول ڪندي جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي۔
وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وزير خارجه مارڪو روبيو ۽ اسٽيو وِٽڪوف کي به ٽيگ ڪندي سندن ڪوششن کي ساراهيو۔
هن چيو ته جنگ بندي ۾ واڌ جو مقصد سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ تڪرارن جو مستقل حل ڳولڻ آهي۔ وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو۔
وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي ڌريون جنگ بندي جي پاسداري ڪنديون ۽ ايندڙ ڳالهين ۾ جامع امن معاهدي تي اتفاق ٿيندو۔
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ايراني صدر ايراني صدر، پارليامينٽ اسپيڪر باقر قاليباف ۽ وزير خارجه عباس عراقچي کي به ٽيگ ڪيو، جيڪو پاڪستان جي متوازن سفارتڪاري جو اظهار آهي۔
نيوز ٽِڪرز:
