ميهڙ (ويب ڊيسڪ): ميهڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي ۾ سڱ نه ڏيڻ تان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي جوابدار شهيمر ڪولاچي گهر تي حملو ڪري ننڊ ستل نوجوان ناري ريما ڌيءَ خدا بخش ڪولاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس امڙ مسمات سيما کي سخت زخمي ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب زخمي عورت کي پهرين ميهڙ اسپتال ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول ناري ۽ جوابدار جا لاش تعلقه اسپتال ميهڙ آندا ويا.
مقتول ناري جي والد خدا بخش ڪولاچي ٻڌايو ته جوابدار شهيمر ڪولاچي سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو هو، پر ناري اڳ ئي پنهنجي ڀائٽي جي نالي ٿيل هئي ۽ جلد شادي رٿيل هئي. سندس چوڻ هو ته ان رنجش تان جوابدار حملو ڪري ڌيءَ کي قتل ڪيو، گهر واري کي زخمي ڪيو ۽ پوءِ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي.
هوڏانهن فريدآباد پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب سڱ نه ڏيڻ تان واقعو پيش آيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
