خيبر ۾ گڏيل آپريشن، 22 خوارج مارجي ويا، معصوم ٻار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ضلعي خيبر ۾ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 22 خوارج کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

Inter-Services Public Relations (آءِ ايس پي آر) موجب ڪارروائي خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن دوران فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 22 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جو ڏي وٺ ٿيو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. بيان موجب زندهه گرفتار ٿيڻ جي خوف سبب خوارج جي اندھاڌند فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو هڪ معصوم ٻار به شهيد ٿي ويو.

سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته عزمِ استحڪام تحت دهشتگردي خلاف مهم جاري رهندي ۽ غير ملڪي سهڪار يافته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم برقرار آهي.

پنھنجي راءِ لکو