اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اسلام آباد ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
تفصيل موجب زلزلي جون لهرون 15 کان 20 سيڪنڊن تائين جاري رهيون، جنهن دوران ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي پيما مرڪز موجب رڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي گهرائي 170 ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو سرحدي علائقو ٻڌايو ويو آهي.
زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، سوات، شانگلا، بونير، مانسهره، ايبٽ آباد، ملاڪند ۽ هزارا ڊويزن سميت مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته ساهيوال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلو محسوس ٿيو.
ابتدائي رپورٽن موجب ڪنهن وڏي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي، البته شهرين ۾ سخت خوف ۽ پريشاني ڏٺي وئي۔
